Back to Languages

    Sindhi - Chapter 42

    Translation by Taj Mehmood Amroti

    Verse 1

    حٰمٓ

    Verse 2

    عٓسٓقٓ

    Verse 3

    غالب حڪمت وارو الله اھڙيءَ طرح توڏانھن وحي موڪلي ٿو ۽ اُنھن ڏانھن (به) جيڪي توکان اڳ ھوا (موڪليندو) رھيو

    Verse 4

    جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) سندس آھي، ۽ اُھو (سڀ کان) مٿاھون (۽) وڏو آھي

    Verse 5

    (خُدا جي دھشت کان) آسمان پنھنجي مٿان ستت ئي ڦاٽندا ۽ ملائڪ پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪندا آھن ۽ جيڪي زمين ۾ آھن تن لاءِ بخشش گھرندا آھن، خبردار بيشڪ الله ئي بخشڻھار مھربان آھي

    Verse 6

    ۽ جن اُن کانسواءِ ٻيا دوست ورتا آھن تن تي الله نگھبان آھي، ۽ تون مٿن ڪو ذمه وار نه آھين

    Verse 7

    ۽ اھڙيءَ طرح توڏانھن عربيءَ (ٻوليءَ) ۾ قرآن وحي ڪيوسون ته مڪّي وارن ۽ سندس آس پاس وارن کي ڊيڄارين ۽ قيامت جو ڏينھن جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي تنھن کان (پڻ) ڊيڄارين، ھڪ ٽولي بھشت ۾ ۽ ٻي ٽولي دوزخ ۾ ھوندي

    Verse 8

    ۽ جيڪڏھن الله گھُري ھا ته اُنھن سڀني کي ھڪ ٽولي ڪري ھا پر جنھن کي گھري تنھن کي پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪندو آھي، ۽ ظالمن جو نڪي ڪو دوست ۽ نڪي ڪو مددگار آھي

    Verse 9

    الله کانسواءِ ٻيا ڪارساز ڪري ورتا اٿن ڇا؟ ڇوته الله ئي ڪارساز آھي ۽ اُھو ئي مُئن کي جياريندو آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي

    Verse 10

    ۽ جنھن (ڳالھ) بابت تڪرار ڪيو اٿوَ سو ڪجھ به ھجي ته اُنھيءَ جو نبيرو الله ڏانھن (حوالي ڪيل) آھي، منھنجو پالڻھار اھو الله آھي مٿي ڀروسو ڪيم، ۽ ڏانھس موٽان ٿو

    Verse 11

    آسمان ۽ زمين جو بڻائيندڙ آھي، اوھان جي جنس مان اوھان لاءِ زالون پيدا ڪيائين ۽ ڍورن (جي جنس) مان ڪيترائي ئي قِسم (بڻايائين)، انھي طرح سان اوھان کي پکيڙي ٿو، اُن جھڙي ڪا (به) شيءَ نه آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي

    Verse 12

    آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون کيس آھن، جنھن لاءِ گُھري (تنھن لاءِ) روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھُري تنھن لاءِ) تنگ ڪندو آھي، بيشڪ اُھو ھر شيء کي ڄاڻندڙ آھي

    Verse 13

    اوھان لاءِ اھو دين مُقرّر ڪيائين جنھن (جي قائم ڪرڻ) جو نُوح کي حُڪم ڪيو ھوائين ۽ جيڪو توڏانھن به وحي ڪيوسين ۽ اُھو جنھن (جي قائم ڪرڻ) جو ابراھيم ۽ مُوسىٰ ۽ عيسىٰ کي حُڪم ڪيوسون ته دين کي قائم ڪريو ۽ منجھس ڌار ڌار نه ٿيو، مُشرڪن کي اُھا (ڳالھ) ڏکي لڳي جنھن ڏانھن کين سڏيندو آھين، الله جنھن کي گھُري (تنھن کي) پاڻ ڏانھن چونڊيندو آھي ۽ جيڪو (ڏانھس) ورندو آھي تنھن کي پاڻ ڏانھن ھدايت ڪندو آھي

    Verse 14

    ۽ نه جُدا ٿيون (اُمتون) مگر بعد اُن جي جو آيو اُنھن وٽ علم از روءِ سرڪشي جي پاڻ ۾، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار کان مقرر مُدّت تائين (مھلت ڏيڻ جو) حڪم اڳي (جاري ٿيل) نه ھجي ھا ته ضرور سندن وچ ۾ (ھاڻي ئي) فيصلو ڪجي ھا، ۽ بيشڪ جي انھن (پيغمبرن) کان پوءِ ڪتاب جا وارث ڪيا ويا سي دين کان وڏي شڪ ۾ (پيل) آھن

    Verse 15

    پوءِ (تون) انھيءَ (دين) ڏانھن سڏ، ۽ جئن توکي حُڪم ڪيو ويو آھي (تيئن) بيھڪ وٺ، ۽ سندن سَڌن جي تابعداري نه ڪر، ۽ چؤ ته جيڪو به ڪتاب الله لاٿو تنھن کي مڃيم، ۽ مون کي حُڪم ٿيل آھي ته اوھان جي وچ ۾ انصاف ڪريان، الله اسان جو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، اسان لاءِ اسان جا عمل ۽ اوھان لاءِ اوھان جا عمل آھن، اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ ڪو تڪرار ڪونھي، الله اسان سڀني کي (قيامت جي) ڏينھن گڏ ڪندو، ۽ ڏانھس موٽڻ آھي

    Verse 16

    ۽ الله (جي دين) بابت سندس فرمان قبول ٿيڻ کانپوءِ جيڪو جھڳڙو ڪندا آھن تن جي حُجت سندن پالڻھار وٽ ڪوڙي (ٿيڻ واري) آھي ۽ مٿن (الله جو) ڏمر آھي ۽ اُنھن لاءِ سخت عذاب آھي

    Verse 17

    الله اُھو آھي جنھن سچو ڪتاب ۽ (انصاف جي) ترازي لاٿي، توکي ڪھڙيءَ ڳالھ ڄاڻايو متان قيامت ويجھي ھجي

    Verse 18

    جيڪي قيامت کي نه مڃيندا آھن سي اُن کي تڪڙو گھرندا آھن، ۽ جن ايمان آندو آھي سي اُن کان ڊڄندا آھن ۽ ڄاڻندا آھن ته بيشڪ اُھا سچ (اچڻي) آھي، خبردار بيشڪ جيڪي قيامت بابت جھڳڙو ڪندا آھن سي بيشڪ وڏيءَ گُمراھيءَ ۾ آھن

    Verse 19

    الله پنھنجن ٻانھن تي مھربان آھي جنھن کي گھري تنھن کي روزي ڏيندو آھي، ۽ اُھو سگھارو غالب آھي

    Verse 20

    جيڪو آخرت جي پوک گھُرندو آھي تنھن لاءِ سندس پوک ۾ واڌارو ڪندا آھيون، ۽ جيڪو دنيا جي پوک جو ارادو ڪندو آھي تنھنکي ڪجھ منجھانئس ڏيندا آھيون ۽ آخرت ۾ اُن جو ڪو حصّو نه آھي

    Verse 21

    اُنھن (يعني ڪافرن) جا ڪي اھڙا شريڪ آھن ڇا جن اُنھن لاءِ دين مان (اُھو) نئون رستو بڻايو آھي جنھن جو الله حُڪم نه ڏنو آھي، ۽ جيڪڏھن فيصلي ڪرڻ جو وعدو (ٿيل) نه ھجي ھا ته ضرور (ھاڻي ئي) سندن وچ ۾ نبيرو ڪجي ھا، ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي

    Verse 22

    (اي پيغمبر) ظالمن جيڪي ڪمايو آھي تنھن (جي عذاب) سببان کين ڊڄندڙ ڏسندين ۽ اُھو (عذاب) کين پھچندڙ آھي، ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشتن جي باغن ۾ ھوندا، جيڪي گھرندا سو سندن پالڻھار وٽ اُنھن لاءِ (موجود) آھي، اِھوئي وڏو فضل آھي

    Verse 23

    اِھو (ثواب) اُھو آھي جنھن جي الله پنھنجن اُنھن ٻانھن کي خوشخبري ڏيندو آھي جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن، (اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نه ٿو گھُران پر (جڳائي ته) مائٽن (جي وچ) ۾ محبت (رکو)، ۽ جيڪو چڱائي ڪمائيندو تنھن لاءِ اُن ۾ چڱائي وڌائينداسون، ڇوته الله بخشڻھار قدر ڄاڻڻ وارو آھي

    Verse 24

    چوندا آھن ڇا ته (پيغمبر پاڻ) الله تي ڪوڙ ٺاھيو آھي، پوءِ جيڪڏھن الله گھري ته تنھنجيءَ دل تي مُھر ھڻي، ۽ الله ڪُوڙ کي ناس ڪندو آھي ۽ پنھنجن سُخنن سان سچي دين کي ثابت ڪندو آھي، بيشڪ اُھو سينن وارو (ڳجھ) ڄاڻندڙ آھي

    Verse 25

    ۽ اُھو آھي جو پنھنجن ٻانھن جي توبه قبول ڪندو آھي ۽ مداين کان ٽارو ڪندو آھي ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو ڄاڻندو آھي

    Verse 26

    ۽ جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن تن جي دُعا قبول ڪندو آھي ۽ پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ (به) ڏيندو آھي، ۽ ڪافرن لاءِ ئي سخت سزا آھي

    Verse 27

    ۽ جيڪڏھن الله پنھنجن ٻانھن جي روزي ڪشادي ڪري ھا ته مُلڪ ۾ ضرور بگيڙو وجھن ھا پر جيترو (پاڻ) گھرندو آھي (اوترو) نازل ڪندو آھي، ڇوته اُھو پنھنجن ٻانھن کي ڄاڻندڙ ڏسندڙ آھي

    Verse 28

    ۽ (الله) اُھو آھي جو (ماڻھن جي) نا اميد ٿيڻ کان پوءِ مينھن ھيٺ موڪليندو آھي ۽ پنھنجي رحمت پکيڙيندو آھي، اُھو (ئي) ڪارساز ساراھيل آھي

    Verse 29

    ۽ آسمانن ۽ زمين جو بڻائڻ ۽ جيڪي سندن وچ ۾ چرندڙ پکيڙيائين تن جو (بڻائڻ) سنديس نشانين مان آھي، ۽ اُھو جڏھن گھرندو (تڏھن) سندن گڏ ڪرڻ تي وس وارو آھي

    Verse 30

    ۽ جيڪا به اوکائي اوھان کي پھچندي آھي سا اوھان جي ھٿن جي ڪمائي سببان آھي ۽ گھڻن (گناھن) کان (ته خُدا) در گذر ڪندو آھي

    Verse 31

    ۽ اوھين زمين ۾ (ڀڄي) عاجز ڪرڻ وارا نه آھيو، ۽ الله کانسواءِ اوھان جو نڪو ڪارساز ۽ نڪو مددگار آھي

    Verse 32

    ۽ سنديس نشانين مان درياءَ ۾ جبلن وانگر جھاز (ھلندا) آھن

    Verse 33

    جيڪڏھن (خدا) گھري ته وائن کي جھلي پوءِ ٻيڙا درياءَ جي پٺي تي (ھلڻ کان) بيھي رھن، بيشڪ ان ۾ سڀڪنھن صبر ڪندڙ لاءِ نشانيون آھن

    Verse 34

    يا ھلاڪ ڪرين تنھن سببان جو ڪمايائون ۽ عفو ٿو ڪري گھڻن کان

    Verse 35

    ۽ ته جيڪي اسان جي آيتن بابت جھڳڙو ڪندا آھن سي ڄاڻن ته انھن لاءِ ڇوٽڪارو نه آھي

    Verse 36

    پوءِ جيڪي اوھان کي ڏنو ويو آھي سو ڪجھ به ھجي ته اُھو دنيوي حياتيءَ جو (ٿورو) سامان آھي، ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ڀَلو ۽ ھميشه رھڻ وارو انھن لاءِ آھي جن ايمان آندو آھي ۽ پنھنجي رب تي ڀروسو ڪندا آھن

    Verse 37

    ۽ (اُنھن لاءِ به) جيڪي وڏن گناھن ۽ بي حيائين کان پاسو ڪن ٿا ۽ جيڪڏھن ڪاوڙبا آھن (تڏھن) اُھي بخشيندا آھن

    Verse 38

    ۽ جن پنھنجي پالڻھار جو حُڪم مڃيو ۽ نماز پڙھي، ۽ سندن ڪم پاڻ ۾ صلاح سان ھوندو آھي، ۽ جيڪي کين رزق ڏنوسون تنھن مان خرچيندا آھن

    Verse 39

    ۽ اُھي (اھڙا آھن) جو جڏھن کين ڪو ظلم پھچي (تڏھن مظلوم جو مناسب) بدلو وٺندا آھن

    Verse 40

    ۽ مدائيءَ جو بدلو اُھڙي مدائي آھي، پوءِ جيڪو معاف ڪري ۽ صُلح ڪري تنھن جو اجر الله تي آھي، بيشڪ الله ظالمن کي دوست نه رکندو آھي

    Verse 41

    ۽ بيشڪ جيڪي پنھنجي ايذائجڻ کانپوءِ وير وٺن تن تي ڪا (ڏوراپي جي) واٽ ڪانه آھي

    Verse 42

    (ڏوراپي جي) واٽ رڳو انھن تي آھي جيڪي ماڻھن کي ايذائيندا آھن ۽ مُلڪ ۾ ناحق فساد وجھندا آھن، اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي

    Verse 43

    ۽ البت جيڪو صبر ڪري ۽ بخشي ته بيشڪ اھو (عفو) ھمّت جي ڪمن مان آھي

    Verse 44

    ۽ جنھن کي الله گُمراھ ڪري تنھن جو اُن کانپوءِ ڪو ڀرجھلو ڪونھي، ۽ (تون) ظالمن کي ڏسندين ته جڏھن (اُھي) سزا ڏسندا (تڏھن) چوندا ته (ھاڻي دنيا ۾) ورڻ جي ڪا واھ آھي ڇا؟

    Verse 45

    ۽ ڏسندين تون اُنھن کي جو پيش ڪيا ويندا باھ تي عاجزي ڪندڙ خواريءَ کان اک ڏٻي ڪيون پيا ڏسندا، ۽ مؤمن چوندا ته بيشڪ ڇيئي وارا اُھي آھن جن پاڻ کي ۽ پنھنجن گھر وارن کي قيامت جي ڏينھن ڇيئو لاتو، خبردار بيشڪ ظالم ھميشه جي عذاب ۾ ھوندا

    Verse 46

    ۽ الله کانسواءِ اُنھن جا ڪي ڀر جھلا نه ھوندا جي کين مدد ڏين، ۽ جنھن کي الله گُمراھ ڪري تنھن لاءِ ڪا واٽ نه آھي

    Verse 47

    پنھنجي پالڻھار جو حُڪم اُن ڏينھن (جي اچڻ) کان اڳ قبول ڪريو جنھن کي الله (جي پار) کان ٽَرڻو نه آھي، اُن ڏينھن نڪا اوھان کي واھ آھي ۽ نه ھوندو اوھان لاءِ ڪو انڪار

    Verse 48

    پوءِ جيڪڏھن منھن موڙين ته توکي مٿن نگھبان ڪري نه موڪليو اٿون، توتي پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪي لازم نه آھي، ۽ بيشڪ اسين جڏھن ماڻھوءَ کي پاڻ وٽان ٻاجھ (جو مزو) چکائيندا آھيون (تڏھن) اُن سان خُوش ٿيندو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪا اوکائي سندن ھٿن جي اڳ ڪئي سببان کين پھچندي آھي ته بيشڪ ماڻھو بي شڪر (ٿيندو) آھي

    Verse 49

    آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي خاص الله جي آھي، جيڪي گھري (سو) خلقيندو آھي، جنھن کي وڻيس (تنھن کي) ڌيئرون بخشيندو آھي ۽ جنھن کي وڻيس (تنھن کي) پُٽ بخشيندو آھي

    Verse 50

    يا کين پُٽ ۽ ڌيئرون گڏ ڏيندو آھي، ۽ جنھن کي وڻيس (تنھن کي) سَنڍ ڪندو آھي، بيشڪ اُھو ڄاڻندڙ وس وارو آھي

    Verse 51

    ۽ ڪنھن ماڻھوءِ لاءِ ٿيڻو ئي نه آھي ته الله ساڻس ڳالھائي سواءِ ھن جي ته الھام سان يا پردي جي پويان يا ڪنھن قاصد موڪلڻ سان (ڳالھائي) پوءِ جيڪي الله گھريو سو سندس حُڪم سان پھچائي ڏي، بيشڪ اُھو (سڀ کان) مٿاھون حڪمت وارو آھي

    Verse 52

    ۽ اھڙيءَ طرح اسان پنھنجي ڪلام سان توڏانھن قرآن وحي ڪيو، (اڳ) تون نه ڄاڻندو ھئين ته ڪتاب ڇا آھي ۽ نڪي (ڄاڻندو ھئين ته) ايمان (ڇا آھي) پر قُرآن کي نُور ڪيو اٿون پنھنجن ٻانھن مان جنھن کي گھرون (تنھن کي) اُن سان سڌو رستو ڏيکاريندا آھيون، ۽ بيشڪ تون سڌي رستي ڏانھن ھدايت ڪندو آھين

    Verse 53

    (يعني) اُنھي الله جو رستو جو جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس آھي، خبردار الله ڏانھن (ئي سڀ) ڪم وري ويندا آھن

    Unexpected Application Error!

    Unexpected token '<', "<!DOCTYPE "... is not valid JSON

    SyntaxError: Unexpected token '<', "<!DOCTYPE "... is not valid JSON